welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارتي پرڏيهي وزير ٻڌائي هن ڪنهن کي اڳواٽ اطلاع ڏنو: اسحاق ڊار

اسلام آباد:(سومر 19 مئي 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڀارت پاران پاڪستان تي حملي جي اڳواٽ اطلاع واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام نيا پاڪستان ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت اڳواٽ حملي جي آگاهي جو ڪوڙوبيان ڏنو، جئه شنڪر ٻڌائي ته هن پاڪستان تي حملي جو اڳواٽ اطلاع ڪنهن کي ڏنيو. هن چيو ته جنگبندي تي عمل جاري آهي. اسحاق ڊار چيو ته سيز فائر لاءِ 10 مئي تي پهريون فون آمريڪي پرڏيهي وزير جو آيو، ان چيو ته ڀارت جنگبندي چاهي ٿو. اسان امن خاطر جنگبندي ڪئي ۽ ان تي عمل ڪري رهيا آهيون. ڀارت جي ڪيترين ئي دعوائن ۾ ڪا سچائي ڪونهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے