welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ماتلي ۾ پي ايم ايم ايل اڳواڻ ٽارگيٽڊ حملي ۾ قتل: جاچ شروع

ماتلي:(سومر 19 مئي 2025ع)ماتلي شھر ۾ ڦلڪارا روڊ تي ٽن نامعلوم ھٿياربندن گوليون ھڻي پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ تعلقي ماتلي جي نائب صدر 50 ورھين جي رضا نظاماڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. ٻڌايو وڃي ٿو ته رضا نظاماڻي ڦلڪارا روڊ تي ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن کيس ٽارگيٽ بڻائي مٿس انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري وڌو کيس نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنھن مڙھه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، قتل ٿيل رضاالله نظاماڻي کي سيني ۾ ٽي ڳوليون لڳل ھيون، ٻئي طرف ماتلي پوليس ڦلڪارا چوڪ تي گوليون ھڻي قتل ڪيل رضاالله نظاماڻي واقعي واري ھنڌ سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي مدد سان ڦوٽيج به ورتا آھن ۽ واقعي واري ھنڌ پھچي معائنو پڻ ڪيو آھي، پوليس جو چوڻ آھي معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، ھن وقت تائين ماتلي ٿاڻي ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن ته واقعي کانپوءِ شھر ۾ خوف ڇانيل آھي. جڏهن ته رضا الله نظاماڻي جي جنازي نماز ڦلڪارا چوڪ تي ادا ڪئي ويئي، جنھن ۾ ماتلي ان جي ڀرپاسي جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي جنازي لاءِ شھر جي ٽنھي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس تعينات ڪري جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ سندس مڙهه طالب شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، رضاالله نظاماڻي جي وارثن جو چوڻ آھي کيس ڪجهه ڏينھن اڳ ڌمڪيون مليون ھيون ۽ ھن اھڙو اطلاع ماتلي پوليس کي به ڏنو ھو ۽ ھو ڪجهه ڏينھن کان گھر کان ٻاھر ڪو نه نڪرندو ھو، اڄ ڪم سانگي گھران نڪتو ته کيس قتل ڪيو ويو . بيرحماڻي قتل تي ماتلي ۾ سوڳ، سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ماتلي: قتل ٿيل رضا الله نظاماڻي پرائيويٽ اسڪول ۾ پرنسپال طور به ڪم ڪيو ۽ ديني تعليم به ٻارن کي ڏيندو ھو سندس سان شھرين جو چوڻ آھي ته ھو تمام سٺو انسان مذهبي ماڻھو ھو، سندس بيرحماڻي قتل تي ماتلي ۾ سوڳ ڇانيل آھي، ماتلي ڦلڪارا چوڪ واقعي واري ھنڌ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ڊي ايس پي ماتلي پھتا ۽ جائزو ورتو جڏھن ته اتي لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائن جا ڦوٽيج ورتا جاءِ واردات کي سيل ڪيو ويو. بئي طرف ماتلي شھر جي ڦلڪارا چوڪ تي ٽن ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل رضاالله پٽ نصير نظاماڻي جي حوالي پرڏيهي ٽي وي چينل تي پڻ خبرون ھلندڙ آھن، ماتلي قتل ٿيل رضاالله نظاماڻي ماتلي ويجھو ڳوٺ ملھڻ نظاماڻي جو رھائيشي ھو ڪجهه سالن کان ماتلي شھر جي سجاد ڪالوني ۾ رھندو ھو. ڦلڪارا چوڪ جي دڪاندارن ۽ شھرين ۾ خوف ڇانيل ماتلي: وچ شھر هي ڦلڪارا چوڪ تي قتل ٿيل رضاالله نظاماڻي واري معاملي تي اتي موجود شھرين جو چوڻ آھي ته رضاالله نظاماڻي ڪار ۾ ويٺل ھو ته ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي ٽي نامعلوم ھٿيار بندن ڪار مٿان ٽي فائر ڪيا ۽ فرار ٿي ويا جڏھن رضاالله ڪار مان زخمي حالت ۾ روڊ پيل ھو ۽ کيس سيني ۾ ٽي گوليون لڳل ھيون واقعي کانپوء ڦلڪارا چوڪ جي دڪاندارن ۽ شھرين ۾ خوف ڇانيل آھي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے