پنوعاقل:(سومر 19 مئي 2025ع)پنوعاقل ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ عورت قتل، ڏير پاران گرفتاري پيش، ڏوھ جو اعتراف، علائقي ۾ مڙس ھٿان عورت جي مارجڻ جا چوٻول، خبر موجب سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش ڪلھوڙو ۾ جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ فائرنگ ڪري روزينا ڪهلوڙو کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي سانگي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي ڏير عاشق ڪلھوڙو سانگي پوليس وٽ گرفتاري پيش ڪندي ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آھي، ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته ناري کي سندس مڙس توفيق ڪلهوڙو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آھي، سانگي پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته مقتولا جي ڏير کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جنھن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language