سيٺارجا:(سومر 19 مئي 2025ع)سيٺارجا ويجهو پاڻي جي واري تي زمين تي ويل پورهيت تشدد ڪري قتل، قبرستان مان لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ صوفائي سهتا واسي پراسرار نموني گم ٿيل 36 ورهين جي پورهيت پرويز سهتو جو تشدد ٿيل لاش قبرستان مان هٿ ڪيو ويو، وارثن موجب پورهيت پرويز سهتو پاڻي جي واري تي زمين تي ويل هو، جتان گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿي ويو، ڪالهه سندس لاش ڳوٺ ڀرسان شهيد پاڪ قبرستان مان هٿ آيو، واقعي جي اطلاع تي سيٺارجا پوليس پهچي پورهيت جو لاش ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب پورهيت جي گمشدگي جي ڪالهه وارثن ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي هئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language