welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ماروٽ هٿان پڦاٽ برسٽ هڻي قتل

جيڪب آباد:(خميس 29 مئي 2025ع)جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير جکراڻي ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ 55 ورهين جي باغن جکراڻي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار محمد حسن جکراڻي پنهنجي زال سان ڪارنهن مڙهي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي پنهنجي ڦڦاٽ کي قتل ڪيو آهي.جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے