welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪي اين شاهه ۾ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو: هڪ ٻئي تي فائرنگ: نوجوان قتل

خيرپورناٿن شاه:(خميس 29 مئي 2025ع)خيرپورناٿن شاھه جي ٿاڻي جي سامھون جروار روڊ تي اعوان ۽ لغاري برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو ، ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني نتيجي ۾ فائرنگ ۾ جروار ڪالوني جو رھواسي زاھد حسين لغاري موقعي تي قتل ٿي ويو جڏھن ته مجاهد لغاري زخمي ٿي پيو
پوليس فوتي ۽ زخمي کي تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ کڻائي آئي ان موقعي تي تي پوليس موجب ٻنھي ڌرين ۾ ٻارڙن معمولي ڳالھ تان ڇڪتاڻ ھلندڙ ھيو جڏھن ته ھيئنر ٻئي ڌريون جروار روڊ تان برف وٺڻ آيا ته ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان پسٽل جا فائر ڪيا جنھن ھڪ ڄڻو زاھد حسين اعواڻ مارجي ويو ۽ ٻي ڌر مان مجاهد لغاري فائرنگ زخمي ٿي پيو پوليس جو چوڻ آھي ته وڌيڪ جانچ ڪيون پيا ھوڏانھن زخمي مجاهد لغاري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے