موھن جو دڙو:(خميس 29 مئي 2025ع)آمريڪي ماهر ڊاڪٽر مارڪ ڪناير جي نگراني ۾ ماهرن پاران 10 ڏينهن اڳ شروع ڪيل کوٽائي ۾ ڪا به تاريخي يا ثقافتي شيءَ نه ملي سگهي آهي، ان ڏس ۾ 10 ڏينهن اڳ ماهرن طرفان گريٽ باٿ جي اولهه طرف بائونڊري وال تلاش ڪرڻ لاءِ کڏا هنيا هيا پر ماهرن کي تاريخي شيءَ ملڻ بدران کوٽائي واري هنڌ وٽان 30 سال اڳ اڳوڻي انجنيئر آرڪيالاجي موهن لال طرفان پڪين سرن جو ٺهيل رستو هٿ آيو آهي، جڏهن ته ماهرن جو خيال آهي ته وڌيڪ حصن جي کوٽائي ڪرڻ سان کين شهر جي پناهه واري قديم ڀت جا نشان ملي سگهن ٿا، وڌيڪ 3 ڏينهن کوٽائي جاري رهندي، جڏهن ته کوٽائي جي ڪم جي نگراني ڪندڙ آمريڪي ماهر ڊاڪٽر مارڪ ڪناير موهن جو دڙو تان واپس روانو ٿي ويو آهي، ماهرن جي ٽيم 31 مئي تي واپس ٿيندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language