welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بنگلاديش ۾ هڪ دفعو ٻيهر احتجاجي مظاهرا شروع، فوري چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

ڍاڪا:(خميس 29 مئي 2025ع)بنگلاديش ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي اپوزيشن جون پارٽيون روڊن تي نڪري آيون آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اربع جي ڏينهن ڍاڪا ۾ اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم خالده ضياءَ جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي هڪ وڏي ريلي ڪڍي جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هئا. بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر يونس کان هلندڙ سال ڊسمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. ياد رهي ته بي اين پي طرفان اها ريلي اهڙي وقت ۾ ڪڍي وئي جڏهن بنگلاديش جي آرمي چيف طرفان به ڊسمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو سامهون آيو آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڊاڪٽر يونس اڳ ئي چئي چڪو آهي ته چونڊون جون 2026 ۾ ٿينديون. واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ شاگرد تحريڪ کان پوءِ انهي وقت جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد ڀارت فرار ٿي وئي هئي ۽ ڊاڪٽر محمد يونس بنگلاديش جي نگران سربراهه جو عهدو سنڀاليو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے