welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي تنظيم فتنہ الھندوستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي:(خميس 29 مئي 2025ع)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ 2 الڳ الڳ ڪارروائين ۾ هندستاني پراڪسي تنظيم فتنہ الھندوستان جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز 28 مئي تي بلوچستان ۾ 2 الڳ الڳ ڪارروائيون ڪيون. پهرين ڪارروائي لورالائي ضلعي ۾ فتنہ الھندوستان دهشتگردن جي موجودگي بابت انٽيليجنس اطلاعن تي ڪئي وئي. آپريشن دوران، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي لڪيل جاءِ کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو. سخت فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ، هندستاني سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 4 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن کان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا. سيڪيورٽي فورسز 28 مئي تي ئي ڪيچ ضلعي ۾ ٻيو آپريشن ڪيو، جتي هڪ دهشتگرد مارجي ويو. مارجي ويل دهشتگرد 26 آگسٽ 2024 ۽ 18 فيبروري 2025 تي راراشم جي ويجهو اين-70 تي حملن ۾ ملوث هئا. انهن حملن ۾ 30 بيگناهه شهري شهيد ٿيا. هندستان جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ اهي دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هئا ۽ سيڪيورٽي فورسز مسلسل انهن دهشتگردن جو تعاقب ڪري رهيون هيون. آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے