welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت جا بزدلاڻا حملا: سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو، عملي جون موڪلون رد

ڪراچي:(اربع 07 مئي 2025ع)ڀارتي هوائي حملي کي نظر ۾ رکندي، سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ هيلٿ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو. صحت کاتي موجب صوبي جي سڀني اسپتالن ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سڀني طبي عملي جون موڪلون فوري طور تي منسوخ ڪيون ويون آهن. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ عملي کي 24 ڪلاڪ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ايمرجنسي رسپانس يونٽن کي به الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ايمبولينس، آڪسيجن، آئي وي فلوئڊز ۽ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته غفلت جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان علاوه، هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ويجهي رابطي ۾ رهن، انهي سان گڏ سڀني ايمرجنسي ڪيسن کي پوري ڌيان ۽ احتياط سان منهن ڏنو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے