اسلام آباد:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)صدر آصف علي زرداري 11 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) قائم ڪيو آهي.
وزير خزانه ڪميشن جو سربراهه هوندو ۽ چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ان جا ميمبر هوندا. چئني صوبن مان هر هڪ مان هڪ ماهر کي به ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪميشن جي ميمبرن جو تعداد 9 هوندو.
پنجاب حڪومت مان ناصر محمود کوسا ماهر اين ايف سي ميمبر، سنڌ حڪومت مان اسد سعيد، خيبر پختونخوا حڪومت مان ڊاڪٽر مشرف رسول ۽ بلوچستان حڪومت مان فرمان الله ماهر اين ايف سي ميمبر هوندا.
وزارت خزانه قومي مالياتي ڪميشن جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن ۽ ٽريمز آف ريفرنس جاري ڪيو آهي.
ٽي او آرز موجب، اين ايف سي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ خالص ٽيڪسن جي ورڇ بابت صدر کي سفارش ڪندو.
ان کان علاوه، اين ايف سي وفاقي حڪومت پاران صوبن کي گرانٽ ان ايڊ جي تياري جي سفارش پڻ ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language