واشنگٽن:(خميس 29 مئي 2025ع)آمريڪي عملدارن ٽيرف پابندي خلاف پنهنجي اپيل ۾ واپار ۽ ٽيرف ذريعي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ کي روڪڻ جي مثال ڏني آهي.
ٽرمپ انتظاميه جي عملدارن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران لاڳو ڪيل ٽيرف کي روڪڻ جي عدالت جي فيصلي خلاف عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.
آمريڪي عملدارن صدر ٽرمپ جي واپاري پاليسين جي دفاع ۾ عدالت ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ بندي لاءِ واپار کي استعمال ڪيو، ۽ واپار ۽ ٽيرف تي صدر جي اختيارن کي محدود ڪرڻ سان تڪرار ٻيهر اڀري سگهي ٿو.
آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته صدر جي ٽيرف اختيارن کي محدود ڪرڻ سان علائقائي سلامتي ۽ واپاري معاهدن کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
عملدارن وڌيڪ چيو ته اختيارن کي محدود ڪرڻ سان پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٻيهر تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن سان لکين زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون.
هندستان اڳ ۾ آمريڪي صدر جي جنگ بندي جي دعوائن کي رد ڪري چڪو آهي.
ٻئي طرف، هڪ آمريڪي وفاقي عدالت فيصلو ڏنو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٻين ملڪن تي واپاري ٽيرف غير قانوني آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language