دوشنبي:(خميس 29 مئي 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي پهتو.
تاجڪستان جي وزيراعظم ايئرپورٽ تي وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف تاجڪ صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو ۽ گليشيئر جي تحفظ تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازين ڇڪتاڻ دوران تاجڪستان جي حمايت تي تاجڪ صدر جو شڪريو ادا ڪندو.
آذربائيجان کان روانگي دوران ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آذربائيجان سان دفاع، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو.
وزيراعظم چيو ته آذربائيجان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي نئين شڪل ڏني ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language