اسلام آباد:(خمیس 08 مئي 2025ع)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪيو آهي.
وزيراعظم هائوس موجب، آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيو آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم هر قيمت تي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت جا حملا پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي آهن، ۽ ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي سخت خطرو بڻائي ڇڏيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language