welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستاني بندرگاهن تي سامونڊي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ تي

ڪراچي:(خمیس 08 مئي 2025ع)پاڪستاني بندرگاهن تي سامونڊي سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، پرمٽ منسوخ ڪيا ويا آهن، ننڍين ۽ وڏين ٻيڙين تي سمنڊ ۾ وڃڻ تي فوري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ننڍن ۽ وڏن جهازن، جن ۾ سوين مڇي مارڻ واريون ٻيڙيون شامل آهن، کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو، جڏهن ته ڪمرشل جهازن جي آمدورفت معمول مطابق جاري رهندي. بندرگاهه جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن حرڪت کي محدود ڪري سگهجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے