welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رستم ڀرسان ٻن ڄڻن جي اغوا ڪوشش، رينجرز ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، 6 ڄڻا زخمي

شڪارپور/میرپوربٺورو/دوداپور/ ڏھرڪي:(اڱارو 20 مئي 2025ع)رستم ٿاڻي جي حد رستم فيضو روڊ تي شڪارپور پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سکر کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ مسافر ويگن کي اڻڄاتل ھٿياربندن پاران رستم ٿاڻي جي حد رستم فيضو روڊ تي فيضو اسٽاپ ڀرسان قائم ڊاڪٽر محمد موسيٰ پھوڙ واري ڪلينڪ وٽ ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ روڪي ھٿيارن جي زور تي ويگن جي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بروقت رينجرز پھچڻ تي ڏوھارين ۽ رينجرز جي اھلڪارن وچ ۾ علائقي واسين موجب تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين مقابلو ٿي پيو، جنھن دوران رينجرز جي ٻن اھلڪارن نبيل پٽ عبدالرشيد ۽ راجا ھريش ڪمار، جمعو پهوڙ، اشفاق پهوڙ سميت ٻه واٽھڙو فيضو اسٽاپ واسي سورج باگڙي ۽ ڳوٺ کبڙ شر واسي نينگر ثمير شر زخمي ٿي پيا، جنھن کي اطلاع تي رستم ۽ فيضو پوليس پھچي واقعي واري ھنڌ تان کڻائي زخمي نينگر ثمير شر کي خانپور اسپتال ۽ رينجرز جي اھلڪارن سميت ڳوٺاڻي سورج باگڙي، جمعو پهوڙ، اشفاق پهوڙ کي سکر جي خانگي اسپتال ڏئي منتقل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ رستم پوليس ٻڌايو ته نينگر ثمير شر کي پير ۾ گولي لڳل ھئي، جڏھن ته ٻن ڳوٺاڻن جمعو ۽ اشفاق ۽ رينجرز جي اھلڪار راجا ھريش ڪمار کي مٿي ۾ گولي لڳي جنھن سبب سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي سندس ٻئي ساٿي رينجرز جي اھلڪار نبيل احمد کي به جسم ۾ گولي لڳي جنھن جي طبيعت خطري کان ٻاھر ظاھر ڪئي وئي، جڏھن ته ڳوٺاڻي سورج باگڙي کي به نڙيءَ ۾ گولي لڳل ھجڻ بابت سندس وارثن پاران تصديق ڪئي وئي، ھوڏانھن واقعو صبح جو تقريبن 09 / 10 وڳي جي وچ ۾ پيش اچڻ باوجود آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. ٻن ڄڻن کي گم ڪرڻ تي پلاند ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي رستم: ذريعن موجب فيضو پوليس پاران ڳوٺ پيارو سعدخاناڻي جوابدارن جي ڌر جي ماڻھوءَ ذوالفقار علي سعدخاناڻي کي نينگر سميت گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ته ڏوھارين پلاند طور حملو ڪري سکر کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ ويگن کي روڪي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رينجرز پھچڻ تي ڏوھارين ۽ رينجرس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ھو. ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ موقف ڏيڻ کان لنوائي ويو رستم: واقعي بابت ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کان ٽائيم نيوز پاران موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ موقف ڏيڻ کان لنوائي ويو. ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ آپريشن 6 ڏوهاري زخمي ڪرڻ جي دعويٰ رستم: واقعي بعد شڪارپور پوليس ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ۽ رينجرز جي اڳواڻي ۾ ڏوھارين جا پيرا کڻائي ڪجهه پنڌ تي ڳوٺ پيارو خان سعدخاناڻي ۾ وجھي ڪڙو چاڙهي ورتو، جنھن دوران ذريعن موجب پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران پوليس مارٽر گولا فائر ڪيا ته ڇهه جوابدار زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ بدنام ڏوھاري ملنگ سعدخاناڻي واجد عرف واجو سومرو جوڳي سعدخاناڻي ۽ واٽھڙو پيرسن عيدن سعدخاناڻي شامل ھئا، جنھن کي سندن ساٿي کڻائي فرار ٿي ويا، جنھن سبب پوليس کين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وڃڻ کانپوء واپس ورڻ وقت پوليس ڳوٺ سنجر سعدخاناڻي ۾ چڙھائي ڪري ٻن شڪي جوابدارن انور سعدخاناڻي ۽ ڪاشف علي سعدخاناڻي ۽ عيوض ۾ سندن چئن عورتن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ مان ھڪ ٽريڪٽر ھٿ ڪري ڪاھي واپس موٽي آئي، ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي گرفتار ٿيل ٻن شڪي جوابدارن مان ڪاشف علي سعدخاناڻي پڻ شديد زخمي آھي، جنھن سبب کيس پوليس جي سخت پھري ھيٺ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ميرپور بٺوري جو ڳوٺاڻو مبينا اغوا، 5 لک ڀنگ طلب ميرپوربٺورو(ن پ ا) ڳوٺ اسحاق ٺاراڻي جو رھواسي گل محمد عرف گلڻ ٺاراڻي پنج ڏينهن کان وٺي گم ٿي ويو، سندس وارثن پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سندس ئي موبائل نمبر تان نامعلوم ماڻھو ڪالز ڪري پنج لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جو چئي رھيا آھن، جڏھن ته گلڻ ٺاراڻي جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي نوجوان کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آھي، عورتاڻي آواز تي ھرکجي کيس اغوا ڪيو ويو آھي، گلڻ ٺاراڻي گھران اھو چئي نڪتو ھو ته آئون ڪراچي پيو وڃان ڪنھن ڪم سانگي سڀاڻي واپس ڳوٺ پھچي ويندس، پر پنج ڏينھن گذري وڃڻ کانپوءِ به ھو پنھنجي گھر ناھي پھتو ۽ سندس موبائل نمبر تان گھروارن کي ڪالون اچي رھيون آھن، جنھن تان نامعلوم ماڻھو ڳالھائي پنج لک رپيا ڀنگ گهري رھيا آھن، ھنن اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي نوجوان کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي ته جيئن گھر وارن جي پريشاني ختم ٿئي ۽ اسان سان انصاف ٿي سگھي. ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺاڻو اغوا، ڏوهارين هڪ ڄڻي کي ڇڏي ڏنو ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي واري تي ويل ڳوٺاڻو اغوا، هڪ ڄڻي کي هٿ پير ٻڌي زمين تي ڇڏي ويا، پوليس کوجي ڪتا گهرائي پيرا کنيا، خبر موجب ڳوٺ قبول کونهارو ۾ گذريل رات دير سان ميرپور ماٿيلو واسي وقاص ملڪ ۽ صفدر ميراڻي پاڻي جي واري تي ويل هئا، جتان ڌاڙيلن وقاص ملڪ کي اغوا ڪري ورتو ۽ سندس دوست صفدر ميراڻي جا هٿ پير ٻڌي کيس زمين ۾ ڇڏي ويا، صبح جو پوليس ۽ وارثن کوجي ڪتا گهرائي پيرا کنيا، جيڪي ڀرواري ڳوٺ ۾ جمعو ۽ مريد سولنگي جي گهر ۾ لڳا، جتان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو واقعي واري هنڌ پهتو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، مغوي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. دوداپور ويجهو مزدا ڊرائيور مبينا اغوا، 5 ڪلاڪ ڌرڻو دوداپور(ن پ ا) دوداپور ويجھو تاجوديرو ۽ جهانواھه ٿاڻن جي تڪراري حد شيرانپور جي پٿر موڙ وٽ نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران گوليون هڻي مزدا جا ٽائر ڀرسٽ ڪرڻ بعد ڊيرا الهيار بلوچستان واسي مزدا ڊرائيور نيڪ محمد پنهيار کي اغوا ڪري کڻي ويا، طلاع تي تاجوديرو پوليس مختلف اٽالن سميت جهانواھ واري علائقي ۾ هٿياربندن جو پيڇو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي آپريشن باوجود ڊرائيور کي بازياب نه ڪرايو ويو، ٻئي طرف ڊرائيور جي اغوا جو اطلاع ملڻ تي پنھيار برادري ۽ ڊرائيور شيرانپور پٿر موڙ وٽ پھچي محمد ايوب پنھيار ۽ خدا بخش ھانڀي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جيڪب آباد ڳڙهي خيرو مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي احتجاج باوجود ڪو به انتظاميا سندن لڙي نه آيو، جنهن کانپوءِ مظاھرين پاڻ مرادو روڊ کولي ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي تاجوديرو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو اسان جي حد ۾ ناھي ٿيو پوءِ به اسان ڊرائيور جي بازيابي لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، جلد اغوا ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري مغوي ڊرائيور کي آزاد ڪرايو ويندو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڊرائيور بازياب نه ٿي سگھيو ھو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے