اسلام آباد:(سومر 19 مئي 2025ع)پراڻن پاور پلانٽس جي نيلامي جو ٻيو مرحلو شروع ڪندي ٻولي اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندي. سرڪاري ملڪيت ۾ موجود پراڻن ۽ غيرفعال پاور پلانٽس جي نيلامي جي هن مرحلي ۾ مجموعي طور 2362 ميگاواٽ جي صلاحيت رکندڙ ٽي وڏا پاور پلانٽ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا. ٿرمل پاور اسٽيشن ڄامشورو (880 ميگاواٽ) ٿرمل پاور اسٽيشن مظفر ڳڙهه (1350 ميگاواٽ) ۽ اسٽيم پاور اسٽيشن فيصل آباد (132 ميگاواٽ) شامل آهن. انهن منصوبن لاءِ گڏيل ريزرو قيمت 26 ارب 62 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هي نيلامي جو عمل حڪومت پاڪستان جي توانائي سڌارن واري ايجنڊا تحت ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ نيلامي جي پهرين مرحلي ۾ ست مختلف پراڻا ٿرمل پاور پلانٽ ڪاميابي سان وڪرو ڪيا ويا هئا، جن جي مجموعي ٻولي لڳ ڀڳ 9 ارب رپين کان وڌيڪ رهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language