welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد: تاج جويو جي گهران گرفتار ڪيل ٻنهي پٽن جي گرفتاري ظاهر، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، 2 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد:(سومر 19 مئي 2025ع)سنڌين نيشنل ڪانگريس طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف حيدرآباد ۾ نڪتل ريلي کانپوءِ حيدرآباد پوليس سنڌين نيشنل ڪانگريس جي 8 اڳواڻ سميت 40 عورتن ۽ 250 نامعلوم مردن خلاف ڪيس داخل ڪري گذريل رات دير سان سنڌ جي نامياري دانشور اديب تاج جويو جي گھر تي ڇاپو ھڻي سندس ٻن پٽن کي گرفتار ڪري دھشتگردي جي انت آڻڻ واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت سڳوري تاج جويو جي پٽن روپلو جويو ۽ ھوشو جويو کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال خلاف ڪڍڻ خلاف گذريل ڏينھن اسٽيٽ بينڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ عورتن سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، جنھن خلاف گذريل رات دير سان پوليس جي فرياد تي ڪينٽ ٿاڻي تي سنڌين نيشنل ڪانگريس سميت مختلف قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، سارنگ جويو، غني امان چانڊيو، سھڻي جويو، امتياز ميراڻي، مزمل احمد ڳاھو، ديدار علي چانڊيو، شبير لغاري سميت 40 عورتن ۽ 250 نامعلوم ماڻھن خلاف دھشتگردي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ريلي ۾ ملڪ جي جھنڊي جي بي حرمتي ڪئي وئي آھي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ لڳل بينر ۽ پوسٽر ڦاڙيا ويا آھن ۽ رياست مخالف نعريبازي ڪِئي وئي. جڏھن ته گذريل رات دير سان حيدرآباد پوليس جي نامياري اديب ۽ دانشور تاج جي گھر تي چڙھاِئي ڪري سندس ٻن پٽن روپلو جويو ۽ ھوشو جويو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، جن کي بعد ۾ سندن گرفتاري ظاھر ڪري دھشتگردي جي انت آڻڻ واري خاص عدالت پيش ڪيو، جتي عدالت سموري ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌين گانگريز جي ڪانگريز جي چيف آرگنائيزر ايڊوڪيٽ محب آزاد چيو ته سنڌين نيشنل ڪانگريز پرامن جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي اسان جا ڪارڪنن پرامن هئا اهڙن الزامن کي رد ڪيون ٿا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے