welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ: پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ 2 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان

لاھور:(خمیس 08 مئي 2025ع)پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب تعليمي ادارن ۾ 2 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا سڪندر حيات طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارن جي بندش جو اعلان امن امان جي خراب ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير تعليم چيو ته سمورا تعليمي ادارا جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن بند رهندا. موڪلن جا حڪم سمورن اسڪولن، ڪاليجز ۽ يونيورسٽي جي لاءِ به آهن. جڏهن ته پنجاب ۾ سومر 12 مئي کان تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل شروع ٿيندو. ٻئي طرف پنجاب جي تعليم کاتي صوبي ۾ نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا آچر تائين بند ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري چيو آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي موڪلن جو فيصلو ڪيو ويو. تعليمي ادارن ۾ ٻيهر تدريسي عمل سومر کان شروع ٿيندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے