welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مسلمان ملڪن ۾ عيد الاضحيٰ جي 10 ڏينهن جي موڪل جو اعلان

ڍاڪا:(اربع 07 مئي 2025ع)بنگلاديش حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 10 ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪندي عوام کي وڏي خوشخبري ڏني. چيف ايڊوائيزر جي پريس سيڪريٽري شفيق العالم پنهنجي سرڪاري فيس بڪ اڪائونٽ تي چيو ته ڪابينا جي منظوري کان پوءِ 10 ڏينهن جي سرڪاري موڪل جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن ڊگهي موڪل جي ڪري، آفيسون 17 مئي ۽ 24 مئي (ڇنڇر) تي کليل رهنديون ته جيئن سرڪاري ڪم متاثر نه ٿئي. ان کان علاوه، صلاحڪار ڪائونسل اجلاس ۾ سائبر سيڪيورٽي سان لاڳاپيل 'سائبر سيڪيورٽي حڪمت عملي 2025' جي مسودي جي منظوري پڻ ڏني. ياد رهي ته فلڪيات جي ماهرن موجب عيد الاضحيٰ ڇنڇر 7 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے