welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان گرمي وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

کراچی:(آچر 13 اپريل 2025ع)موسميات کاتي اڄ کان سنڌ، ڏاکڻي پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جا ڪجهه علائقا گرمي جي لهر هيٺ رهندا. موسميات کاتي موجب اڄ کان 18 اپريل جي دوران ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 06 کان 08 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سومر کان جمعي جي دوران گرمي پد وڌڻ 4 کان 6 ڊگري اضافي جو امڪان آهي. جڏهن ته گرمي جي لهر سبب تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون. موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب ڪراچي 39، بهاوالپور، ڊيرا اسماعيل خان 37، لاهور، پشاور 35، اسلام آباد ۽ ڪوئٽه ۾ 33 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے