ٺري ميرواھ:(آچر 13 اپريل 2025ع)شھيد صحافي اي ڊي شر جي بي دردي سان قتل واري واقعي خلاف شھرين طرفان ڪاروبار بند ڪري شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي.
شھرين ٽريڊ يونين جي سڏ تي صحافي اي ڊي شر جي قتل واري واقعي خلاف يڪجھتي طور ڪاروبار بند ڪيو ويو ان موقعي تي شھرين صحافين ڳالھائيندي چيو ته صحافي اي ڊي شر جي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا
ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته صحافي اي ڊي شر ھڪ بھادر صحافي ھو جنھن ھميشه حق سچ جو آواز بلند ڪيو ھنن وڌيڪ چيو ته ميرواھ پوليس اصل قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي شھرين آء جي سنڌ ڊي آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شھيد صحافي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي۔
0 تبصرے
Do not use vulgar language