welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي وفد جي ملاقات، دهشتگردي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد:(آچر 13 اپريل 2025ع)گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي ڪانگريس مينز جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد ۾ ڪانگريس مينز جيڪ برگمين، ٽام سوزي ۽ جوناٿن جيڪسن شامل هئا، معيشت، واپار ۽ سرمائيڪاري جي شعبن ۾ تعاون اڳيان وڌائڻ، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي انت ۽ بارڊر سيڪيورٽي شعبن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. انهي موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ دنيا جي وچ ۾ ديوار جي حيثيت رکي ٿو. دهشتگردي هڪ عالمي چيلينج آهي، عالمي برادري کي پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. گهرو وزير چيو ته آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، آمريڪا ۾ 30 اپريل تي پاڪستان ڪاڪس منعقد ڪرڻ خوشي جوڳو آهي، دهشتگردي جي انت واري شعبي ۾ انٽيليجنس ۽ ٽيڪنالاجي شيئرنگ انتهائي اهميت جوڳي آهي. محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون تمام گهڻيون قربانيون وڏي اهميت رکن ٿيون. آمريڪي ڪانگريس مينز جو دورو دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي بي مثال ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان انتهائي اهم ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي وفد جي تازي منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025 ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، حڪومت طرفان سرمائيڪارن کي هر ممڪن سهوليت ۽ انهن جي سرمائيڪاري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو. آمريڪي ڪانگريس مينز چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي باصلاحيت ۽ ڀروسي جوڳي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے