welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نيوسعيدآباد ڀرسان انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش: گونگي ۽ ذهني معذور نينگري سان مبينا طور ٻن جوابدارن جي شراب پياري لڄالٽ

نيوسعيدآباد:(آچر 13 اپريل 2025ع)نيو سعيدآباد ويجهو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو,ڳوٺ محمد خان ماڇي ۾ گونگي ۽ ذھني معذور نينگري کي شراب پياري لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو,نينگري بيهوشي واري حالت ۾ ھٿ,حيدرآباد اسپتال منتقل,واقعي جو ڪيس داخل,پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام. تفصيل موجب:نيوسعيدآباد ڀرسان ڳوٺ محمد خان ماڇي ۾ 12 ورهين جي گونگي ۽ ذھني معذور نينگري نجما ڌيءَ الهورايو ماڇي کي مبينا طور ڪچو شراب پياري ٻن جوابدارن پاران لڄالٽ ڪئي وئي,اهڙي واقعي جو ڪيس سندس ڀاء علي ڏنو ولد الهورايو ماڇي جي فرياد تي ٻن ڄڻن نورو پٽ پھلوان ماڇي ۽ سليم پٽ ڪشمير ماڇي تي نورڪيٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو, داخل ڪرايل ڪيس ۾ فريادي ڀاء ڄاڻايو آھي ته ھڪ ھفتو اڳ آئون ۽ منھنجي زال مزدوري تان واپس اچي رھيا ھئا سين ته ڄاڻايل جوابدار بچاء بند جي پاسي ۾ منھنجي ڀيڻ جيڪا گونگي ۽ ذھني معذور آھي جا ڪپڙا لاھي زيادتي ڪري رھيا ھئا جيڪي اسان کي ڏسي فرار ٿي ويا متاثر نينگري اشارن سان ٻڌايو ته ھنن مونکي شراب پياري زنا ڪئي آھي جنھن بعد ڳوٺ جي چڱن کي چيو پر ڪا به موٽ نه ملي ته ٿاڻي تي اچي ميڊيڪل لاء ليٽر ورتو ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ بعد نياڻي کي زال سان گڏ وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد روانو ڪري فرياد داخل ڪرائڻ آيو آھيان, پوليس پاران واقعي جو ڪيس ته داخل ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے