welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوشهره ۾ ايڪسائيز کاتي جي موبائل اسڪواڊ تي فائرنگ، 2 اهلڪارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

نوشھره:(آچر 13 اپريل 2025ع)نوشهره جي علائقي پبي ۾ ايڪسائيز کاتي جي موبائل اسڪواڊ تي فائرنگ سبب 2 اهلڪارن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ايڪسائيز کاتي موجب رات 2 وڳي ايڪسائيز اهلڪارن شڪي گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، گاڏي جي نه بيهڻ تي پيڇو ڪيو ويو جنهن دوران حملي آورن فائرنگ شروع ڪري ڏني. ايڪسائيز کاتي ٻڌايو ته فائرنگ سبب ڪانسٽيبل افتخار ۽ ڪانسٽيبل مجاهد سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوت ٿي ويلن ۾ زخمي سب انسپيڪٽر فاروقي جو ذاتي ڊرائيور به شامل آهي. انهي کان علاوه حملي ۾ سب انسپيڪٽر فاروق باچا زخمي ٿي پيو جنهن کي 5 گوليون لڳيون جنهن کي زخمي حالت ۾ گاڏي ۾ پشاور اسپتال آندو ويو جتي ايل آر ايڇ پشاور منتقل ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي موجب پوليس لائنز پشاور ۾ ايڪسائيز کاتي جي اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي، جنازي نماز ۾ آءِ جي ڪي پي ڪي ذوالفقار حميد، ڊي جي ايڪسائيز عبدالحليم، سي سي پي او قاسم خان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے