welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊوباگو: عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

ٽنڊوباگو:(آچر 13 اپريل 2025ع)عوامي تحريڪ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينون وفاق ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ ۽ سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ايڊ مور پمپ کان ريلي ڪڍي ٽنڊي باگي جي مک چونڪ تي ڌرڻو ھيو ويو، ڌرڻي ۾ عورتن، مردن سميت ھارين، آبادگارن، مزدورن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ڪينال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو نامنظور، زرداري واضح ڪر اعلان ڪينال کپي يا پاڪستان، شھباز واضع ڪر اعلان ڪينال کپي يا پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر ادي عمره سمون، ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلھوڙو، ضلعي بدين جي صدر مھراڻ درس، مختيار بخاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ لعل جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ فاضل، زرقا هاليپوٽي، عزمت هاليپوٽي، پوڙھي هاليپوٽي، جيون ڪمار، سنڌو جمالي، رضيه خاصخيلي، مھڪ ھاليپوٽو، سونھن جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ۽ سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻڻ ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ وارا منصوبا سنڌ دشمن، وفاق دشمن آھن، چولستان جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪري سر سبز سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي غير آباد ڪرڻ جي اجازت سنڌ جو عوام ڪنھن کي به ڪونه ڏيندو، وفاقي ادارن کي سي سي آءِ سميت ملڪ جي وفاقي ادارن ۾ ھڪڙي ئي صوبي پنجاب جي اڪثريت آھي، سي سي آءِ سميت ٻيا وفاقي ادارا صرف ھڪڙي صوبي پنجاب جي نمائندگي ڪرڻ ۽ ننڍن صوبن جي خلاف فيصلا ڪندا رهيا آھن، سنڌ جو عوام سي سي آءِ پاران ڪيل سنڌ دشمن فيصلن کي ھرگز قبول ڪونه ڪندو. ھڪڙي پاسي سڄي سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪري ته ٻئي پاسي پنجاب جو حڪمران طبقو پنھنجي طاقت جي زور تي چشما جهلم لنڪ ۽ تونسا پنجنند ڌاڙيل ڪينال ٻارھو ئي وھائي سنڌ جو پاڻي زبردست کڻيو وڃن. پاڪستان ۾ عملن ون يونٽ قائم آھي، ان ڪري ھن وفاقي سسٽم تحت ننڍن صوبن جي حقن تي داڙا ھنيا پيا وڃن. اڳواڻن چيو ته جيستائين ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالنن وارا منصوبا سنڌ دشمن منصوبا ختم نٿا ڪيا وڃن تيسيتائين پرامن جھموري جدوجهد جاري رهندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے