welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حج قانونن جي ڀڃڪڙي تي سخت سزائن ۽ ڳري ڏنڊن جو اعلان

ریاض:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)سعودي گهرو وزارت حج قانونن جي ڀڃڪڙي تي سخت سزائن ۽ ڳري ڏنڊن جو اعلان ڪيو آهي. سعودي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، بغير اجازت جي حج ڪرڻ يا ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي 20,000 ريال تائين جرمانو ٿيندو، جڏهن ته وزٽ ويزا هولڊر کي ٽرانسپورٽ يا مدد فراهم ڪندڙ کي 100,000 ريال تائين جرمانو ڪيو ويندو. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته حج جي موسم دوران وزٽ ويزا تي مڪي يا مقدس هنڌن ۾ داخل ٿيڻ تي 20 هزار ريال جو جرمانو لاڳو ڪيو ويندو، ۽ هوٽلن يا خانگي گهرن ۾ غير مجاز حاجين کي رهائش فراهم ڪرڻ تي 100 هزار ريال تائين جو جرمانو لاڳو ڪيو ويندو. اعلان موجب، سهولتڪارن کي خلاف ورزي ڪرڻ تي ملڪ بدر ڪيو ويندو ۽ 10 سالن لاءِ سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ويندي، جڏهن ته حاجين جي غير قانوني آمدورفت جي صورت ۾ گاڏي ضبط ڪري سگهجي ٿي. ان کان علاوه، ڏنڊ يا سزا خلاف اپيل 30 ڏينهن اندر داخل ڪري سگهجي ٿي ۽ 60 ڏينهن اندر عدالت ۾ درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے