اسلام آباد:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 108 ملين ڊالر جي اضافي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ميڊيا موجب، عالمي بينڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ 108 ملين ڊالر جي اضافي فنانسنگ منظور ڪئي وئي آهي.
ورلڊ بينڪ موجب، ڳوٺاڻي رسائي منصوبي لاءِ 78 ملين ڊالر منظور ڪيا ويا آهن، ۽ اهو منصوبو مارڪيٽن ۽ نوڪرين تائين رسائي کي بهتر بڻائيندو.
اعلان ۾ چيو ويو آهي ته خيبر پختونخوا انٽيگريٽڊ ٽوئرزم ڊولپمينٽ پروجيڪٽ لاءِ 30 ملين ڊالر منظور ڪيا ويا آهن ۽ هي منصوبو صوبي جي قدرتي لچڪ کي مضبوط ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language