اسلام آباد:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)پاڪستان کي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان لڳ ڀڳ 700 ملين ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف عملدارن موجب، ايگزيڪيوٽو بورڊ 9 مئي تي پاڪستان کي قرض پروگرام جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ مشن جي سفارشن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملاقات ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سفارشون ايگزيڪيوٽو بورڊ طرفان منظور ڪيون ويون ته پاڪستان کي ايندڙ قسط 12 مئي تائين ملي ويندي.
آءِ ايم ايف عملدارن موجب، اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پئسن جي پهرين قسط جي منظوري تي به بحث ڪيو ويندو.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ رقم منظور ڪئي وئي ته پاڪستان کي لڳ ڀڳ 700 ملين ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ وفد آءِ ايم ايف پروگرام جي ايندڙ قسط تحت پاڪستان کي 1.1 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language