welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيپلز پارٽي بجيٽ کان اڳ سنڌو درياءَ تي ڪينالن جو منصوبو رد ڪرائيندي: وڏو وزير

سید آباد:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي بجيٽ کان اڳ سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو رد ڪرائيندي. رپورٽ موجب ڀان سيد آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري ڪڏهن به سنڌ دشمن ڪينال منصوبن کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندا. هن چيو ته منصوبي تي سروي ڪرايو ويو هو انهي تي ڪم بند ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪينالن جي مسئلي تي احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، سنڌ حڪومت احتجاج کي نه روڪيندي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ جي عوام سازشي ماڻهن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هو پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ آهن. سوشل ميڊيا تي به اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته صرف پيپلز پارٽي ئي ڪينالن کي بند ڪرائي سگهي ٿي ۽ اها ڳالهه صحيح به آهي ڇو ته اهڙن ڪينالن جي منظوري نگران حڪومت ارسا کان ورتي هئي. مراد علي شاهه ڪينالن جي خلاف احتجاج ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ چيو ته انهن جي احتجاج کي ڀليڪار چئون ٿا، پر ڪجهه سازشي عناصر انهي احتجاج کي پيپلز پارٽي جي خلاف سازش جي طور تي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته پ پ چيئرمين اعلان ڪيو آهي ته اسان ڪينالن جي معاملي تي عوام سان گڏ آهيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے