ڪراچي:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، موسميات کاتي موجب هيٽ ويو 23 اپريل تائين برقرار رهي سگهي ٿو.
موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب هيٽ ويو جي دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 41 ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو. انهي دوران سامونڊي هوائون بند رهنديون جڏهن ته شهر ۾ نمي جي تناسب ۾ اضافي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ وچولو رهندو. اڄ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 26.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي چيو ته اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن وڌ کان وڌ گرمي پد 34.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب اڄ 10 کان 25 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان مغربي ۽ ڏاکڻي مغرب جي طرف کان هوائون هلڻ جو امڪان آهي.
21 کان 23 اپريل جي دوران هيٽ ويو جو امڪان آهي. سامونڊي هوائن جي بندش ۽ نمي جو تناسب وڌڻ سان پارو معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language