welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيل برادري جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري

سکر:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)سنڌو درياء مان ڇهه نوان تڪراري ڪئنال ٺاهڻ واري رٿا خلاف وڪيل برادري جو ٻٻرلوء باء پاس تي ٻي ڏينهن به ڌرڻو جاري مختلف سياسي , سماجي , قومپرست ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري تڪراري رٿا واپس وٺڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو عزم وڪيل برادري جي سڏ تي ٻٻرلوء باء پاس تي تڪراري ڇهن ڪئنالن خلاف ٻٻرلوء باء پاس تي ڌرڻو ٻي ڏينهن به جاري آهي ڌرڻي ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ , سنڌ هائي ڪورٽ بار ڪراچي جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو , جي اڳواڻ غلام مرتضي خان جتوئي مسرور علي خان جتوئي , جسم چيئرمين رياض چانڊيو , عوامي تحريڪ جو صدر وسند ٿري , سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد پٻڙ , هاري تحريڪ جو اڳواڻ اڪبر حيدر جتوئي سميت ٻين اڳواڻن ڌرڻي ۾ پهچي خطاب ڪندي چيو ته اسين انهن قوتن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته تڪراري رٿا سان رياست کي نقصان پهچي سگهي ٿو ڪو به ٻٽي پاليسي نه هلي عوام کين سمجهي چڪو آهي هنن چيو ته وفاق کي هن معاملي تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. هنن چيو ته هي معاملو جلد حل ٿيندي نظر نه پيو اچي ان لاء تاريخي جدوجهد ڪرڻي پوندي هنن چيو ته وڪيل ۽ شاگرد تحريڪون هميشا نتيجاخيز ثابت ٿينديون آهن هي تحريڪ رڳو سنڌ نه پر پوري پاڪستان جي عوام جو آواز آهي سنڌو درياء صرف هڪ درياء نه پر هزارين سال پراڻي انڊس سولائيزيشن جي علامت آهي جنهن تي هر پاڪستاني کي فخر آهي هنن چيو ته سنڌو تي حملي کي اسان پنهنجي تهذيب تي حملو سمجهون ٿا جنهن کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو ان موقعي تي ٻيا پڻ ڌرڻي واري هنڌ موجود هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے