
حیدرآباد:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)عوامي پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي، ان دوران پاڪستان يونين آف جرنلسٽ جي نائب صدر ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر مفتاح اسماعيل جي آجيان ڪئي ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پڻ ڏنو .
عوامي پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وڏو ٿورو ادا ڪريان ٿو خالد کوکر ۽ حميدالرحمان جو جنھن حيدرآباد پريس ڪلب تي عزت ڏني، پيپلز پارٽي جي ڳالھ اسلام آباد ۾ ٻي ھوندي ۽ حيدرآباد ۾ ٻي ھوندي آھي اسان آئين نه آھيون اسان جي ھر ڳالھ ھر جڳھ تي ھڪ جھڙي ھوندي آھي.
هن چيو ته سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ آھي، زمين ۾ مڪائي، ڪڻڪ ۽ ڦٽين جي لاء پاڻي جي ضرورت آھي پر سنڌ ۾ پاڻي نه آھي، اسان ساريون ته لڳايون ئي نه ٿا، وفاق ٻڌائي ته ڪئنالن کي پاڻي ويندو ته ڪنھن جي حصي مان ويندو، ھي جيڪو چولستان ڪئنال ٺھي پيو ان جو فيصلو سي سي آئي ڪندي پر ھي سي سي آئي کي اچڻ ئي نٿا ڏين، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڳ ئي آھي، اسان نٿا چاھيون ته ڪئنال ٺھن، پوري پاڪستان جا ماڻھون اچن سي سي آئي ۾ ۽ ويھي فيصلو ڪن تي ڪئنال ڪيئن ٺھندا .
مفتاح اسماعيل چيو ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي پنھجو نمائندو چونڊيو آھي ڇا پيپلز پارٽي پنھجو فرض نڀائي پئي، سنڌ جي سار سنڀال لھي ٿي، سنڌين سان ٿيدڙ ناانصافي تي سنڌين سان گڏ بيٺل آھي، اسان سڀ چاھيندا آھيون ته اسان جا ٻچا ٻاھر وڃن اتي پڙھن ۽ روزگار ڪن پنھنجي بھتر زندگي گذاري سگھن ڇو ته ھتي روزگار به نه آھي ڪجھ به نه آھي، اسان وٽ سڀني شين ۾ اسان وڏو ٽيڪس ڀريون ٿا ٻين ملڪن م عام شين تي ايترو ٽيڪس نه ھوندو آھي، شھباز شريف بجلي جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪري، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي پورو ڏنو وڃي ، سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌين سان ھڪ بد ترين ظلم جيان آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language