
ٻٻرلو:(سومر 28 اپريل 2025ع)سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ وٽ يارهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود آهن، ڌرڻي ۾ ڪئنال سمورا نامنظور جي نعريبازي ڪئي پئي وڃي.
ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته مان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن ڌرتيءَ سان وفا ڪئي، سڀ کان پهريان سنڌ پوليس جي جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ڌرڻي تي لاٺي چارج کان انڪار ڪندي ڌرتي ماءُ سان محبت جو اظهار ڪيو. انهي سان گڏ ڪچي جي ماڻهن جو به ٿورائتو آهيان جن طرفان ڀرپور موٽ ڏني وئي آهي.
هن چيو ته سڄي سنڌ هڪ پيج تي بيٺل آهي، سنڌ پوليس جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي ڌرتي ماء سان ٻڌيء جو اظهار ڪيو. وفاقي حڪومت 2 تارخ تي ٿيندڙ سي سي آءِ جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي اسان حڪمرانن تي واضح ڪريون ٿا ت اسان کي اڌ ڪئنال به منظور نه هوندو، بي صورت ڌرڻو جاري رهندو، اڄ اسان هتي بنا ڪنهن فرق جي گڏ آهيون، اسان ڪليئر ڪريون ٿا ت سنڌو درياهه تي ٺهندڙ سمورا ڪئنال ختم ٿيڻ کان سواءِ ڪجهه به قبول نه هوندو هن وڌيڪ چيو ته مان گهرن ۾ چوڙيو پائي ويٺلن کي چوان ٿو ته تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language