
حیدرآباد:(سومر 28 اپريل 2025ع)حيدرآباد سميت سموري سنڌ ۾ وڪيل برادري ڪورٽ جا مک گيٽ بند ڪري پوليس کي عدالتن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
قاضي احمد ۾ وڪيل برادري ڪورٽ جا مک گيٽ بند ڪري پوليس کي عدالتن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. تعلقه بار قاضي احمد جي صدر امتياز علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سول ڪورٽ جا مين گيٽ بند ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان جي پرامن احتجاج تي پوليس جي بي رحم تشدد جي ۽ 6 ڪينالن جي خلاف اسان پنهنجي قيادت جي حڪم تي ڪورٽن جا مين گيٽ بند ڪري پوليس جي ڪورٽ اندر داخلا بند ڪئي وئي آهي.
قمبر ۾ تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف ملير قومي شاھراھ تي لڳل پرامن ڌرڻي ۾ وڪيل مٿان پوليس جي ڪيل تشدد ۽ گرفتارين خلاف قمبر سيشن ڪورٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان بائيڪاٽ ڪري پوليس اهلڪارن جي ڪورٽ اندر انٽري بند ڪري ڇڏي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سهيندر ڪمار ،ضمير علي سولنگي، عبد الغفار مغيري، نعيم بلوچ سميت ٻين چيو ته سنڌ پوليس جون سنڌو تي ڪينالز خلاف ملير ۾ قومي شاھراھ تي وڪيلن جي لڳل پرامن ڌرڻي تي پوليس لٺبازي ڪري ڪيترئن ئي وڪيل کي زخمي ڪري لڳل شاميانا پٽي اڇلائي ڇڏيا آهن ۽ وڪيلن کي بلا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا
جيڪب آباد ۾ وڪيلن احتجاجي مظاھرو ڪري عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران ڪورٽ جي مک دروازي وٽ پوليس کي روڪي ڇڏيو ڪنھن به پوليس اھلڪار کي عدالت اندر داخل تين جي اجازت ناھي پوليس جي انٽري بند ڪئي وئي آھي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر مظفر رند سيد غلام حسين شاھ ايڊوڪيٽ اعظم عارباني ۽ ٻين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پرامن ڌرڻي ۾ وڪيلن مٿان بدترين تشدد ڪيو ويو اھڙي عمل جي مزمت ڪيون ٿا ۽ آئي جي سنڌ کي ٻڌايو ٿا ته وڪيلن متان تشدد ڪندڙ اھلڪارن آفيسرن کي نوڪري تان برطرف ڪيو وڃي
ٺل ۾ بار ڪائونسل طرفان ملير ۾ وڪيلن تي تشدد خلاف ايڊوڪيٽ روشن ڪنڊراڻي، گلاب بگٽي، وقار ميمڻ، عدنان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪوبه پوليس اهلڪار ٺل جي عدالت ۾ نه اچي، اسان اڄ ڪنهن به پوليس واري کي اندر اچڻ نه ڏنو، هنن چيو ته ملير جي وڪيلن تي پوليس تشدد ڪيو آهي جنهن جو ڪيس داخل ڪري ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
سنڌو دريا۽ تي نون ڪئنالن خلاف هلندڙ وڪيلن جي جدوجهد خلاف رياستي ڏاڍ استعمال ڪرڻ خلاف ميرپورخاص ها۽ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار پاران عدالتن ۾ پوليس جي داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي ، پوليس کي عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو جڏهن ته عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ، ها۽ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري وڪيل غفار ناريجو، وڪيل شاهنواز لغاري، وڪيل سڪندر ڪولاچي، وڪيل ميرمحمد نوهڙيو ۽ ٻين چيو ته سنڌو دريا۽ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلو ۾ ڌرڻو جاري آهي ، ان ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لا۽ رياستي ڏاڍ شروع ٿيو، جنهن خلاف سڄي سنڌ ۾ وڪيلن احتجاج ڪيا ته ملير ڪراچي سميت ٻين هنڌن تي پوليس دهشت گردي ڪندي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن جي ردعمل ۾ اسان اڄ پوليس جي عدالتن ۾ داخلا تي پابندي مڙهي آهي ، اڄ ميرپورخاص سميت عمرڪوٽ سانگهڙ ، ٿرپارڪر سميت تعلقن جي شهرن ۾ عدالتن ۾ پوليس کي داخل ٿيڻ ناهي ڏنو ۽ اهو احتجاج ڪئنالن جي رد ٿيڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ لا۽ ڏنل زمينن جي رد ٿيڻ تائين جاري رهندو.
شهدادڪوٽ ۾ ڪئنالن خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ سنڌ پوليس پاران وڪيلن تي تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي شهدادڪوٽ بار جي وڪيلن پاران عدالت جو مک دروازو بند ڪري پوليس کي عدالت اندر وڃڻ کان روڪي پوليس گردي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو آهي، وڪيل اڳواڻن شفيع محمد کوسو، محمد يوسف مگسي، عبدالوهاب کوسو، صدام حسين کوسو، عبدالوحيد ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪيلن جي پر امن احتجاج تي پوليس شيلنگ فائرنگ لاٺي چارج ۽ تشدد وارن واقعن جي سخت لفظن م مذمت ڪندي سنڌ پوليس جي اهڙي عمل تيخ ضلع بار جي صدر شفيع محمد کوسو پوليس کي عدالتن ۾ اندر داخل نه ٿيڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي
بدين ۾ وڪيل برادري جو سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪورٽ سڳوري اڳيان احتجاجي مظاهرو پوليس جي انٽري بند وڪيل برادري جي ڪامران ڀرڳڙي نورمحمد سومرو عبدالڪريم دل منظور چانڊيو عزيز بڪاري ۽ ٻين طرفان شرڪت ڪئي وئي هنن چيو ته سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلو وٽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ايڊوڪيٽ عامر وڙائچ سان گڏ وڪيل برادري مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شهرين، واپارين سنڌ سان محبت ڪندڙن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال نامنطور ۽ ڪئنال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي
ميھڙ بار ايسوسيئيشن پاران سنڌو درياه مان ڪينال ٺاهڻ. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي والار خلاف. 26 ترميم ۽ پيڪا آرڊيننس خلاف منور جتوئي. سعيد پنهور. نجيب مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالت جي مک دروازي تي ڌرڻو هڻي حاضرين تي ايندڙن کي ميھڙ ٻيٽو روڊ تي بيهاري ڇڏيو ۽ عدالتي ڪاروائي جو مڪمل بائڪاٽ ڪيو ويو. هنن چيو ته جيستائين سنڌو درياه مان ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو رد نه ٿيندو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏنل سنڌ جي زمينن جون الاٽ منتون رد نه ٿينديون احتجاجي تحريڪ جاري رهندي هنن چيو ته سنڌ ۾ پرامن احتجاجن کي پرتشدد بڻايو پيو رياستي ڏاڍ. جبر ظلم. زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي
0 تبصرے
Do not use vulgar language