welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سي سي آءِ سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:(سومر 28 اپريل 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سي سي آءِ اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن سميت وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجا آصف ۽ امير مقام شريڪ ٿيا، جڏهن ته ڪائونسل جي اجلاس ۾ 25 ماڻهن خاص دعوت تي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، ڪائونسل نوان ڪينال ڪڍڻ جي منصوبي تي سنڌ حڪومت جي ايجنڊا آئٽم تي غور ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ مان نوان ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو رد ڪيو ويو، ڪائونسل ڪينالن بابت ايڪنڪ جو 7 فيبروري جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو ۽ معاملو ٻيهر ارسا کي موڪليو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے