welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ارجنٽائن جو صدر حملي ۾ ذري گھٽ بچي ويو

بيونس آئرس:(خميس 28 آگسٽ 2025ع)ارجنٽائن جي صدر جيويئر ميل تي سندس چونڊ مهم دوران احتجاج ڪندڙن پٿراءُ ڪيو، پر خوشقسمتيءَ سان ذري گھٽ بچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ارجنٽائن جي صدر تي گذريل ڏينهن گادي واري هنڌ بيونس آئرس جي ويجهو سندس چونڊ مهم دوران ڪرپشن اسڪينڊل خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين پٿراءُ ڪيو. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته صورتحال خراب ٿيڻ کان پوءِ، صدر جيويئر ميل کي واقعي واري هنڌ تان هٽايو ويو، جڏهن ته سندس قافلي تي پٿراءُ جي نتيجي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو. رپورٽن موجب، جيويئر ميل آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ وچ مدي واري چونڊن لاءِ مهم هلائي رهيو هو. ان موقعي تي، هو هڪ پڪ اپ ٽرڪ جي پويان ڪار ۾ سوار هو، جڏهن مظاهرين سندس ڪار تي حملو ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب، هن سڄي صورتحال دوران، صدر ۽ سندس ڀيڻ، ٻين آفيسرن سان گڏ، فوري طور تي ڪار ۾ موڪليا ويا. 'پريس جي آزادي تي حملو ناقابل قبول' اطالوي وزيراعظم صحافين تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي هن صورتحال کان پوءِ صدر جي حمايتين ۽ مخالفن وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران هڪ عورت زخمي ٿي پئي ۽ ان کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے