welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڻي جياپوآهي، ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين: سيد زين شاهه

حیدرآباد:(سومر 28 اپريل 2025ع)سندو دريا تي ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن خلاف سيد زين شاھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ھن معاملي تي وقتن به وقتن حيدرآباد پريس ڪلب آيا آھيون، سي سي آءِ جو اجلاس اڄ ڪري رھيا آھن، اسان دريا بچايو ڪميٽي ٺاھي جنھن ۾ مختلف پارٽين ۽ سوشل سماجي تنظيمون شامل آھن، اسان 8 مھينن کان جدوجھد ڪئي آھي، اسان مختلف ملڪن ۾ وياسين مختلف تنظيمن جي سربراھن سان ملاقت ڪئي، ڪئنالن وارو پروجيڪٽ ھڪ ڀيانڪ پروجيڪٽ آھي، اسان اسٽرگل ڪندا رھنداسين. 8 جولائي 2024ع ۾ پروجيڪٽ جو اپروول ڏنو صدر، وقت صابت ڪيو. 15 فيبروري 2025ع تي ھي پروجيڪٽ ظاھر ٿيو، اسان چولستان ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڊيمن جو پاڻ وڃي وزٽ ڪيوسين، چولستان ڪئنال سراسر غلط آھي، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ سيسٽم پرويز مشرف به پورو نه ڪري سگھيو، ڪئنال ۽ سيسٽم پروجيڪٽ آھن، جيڪي ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھن، اڄ به سنڌ ۾ پاڻي پورو نه آھي، ڪوٽري بئراج کان لاءِ اڪارڊ ۾ آھي ته 5000 ڪيوسڪ پاڻي وڃڻ گھرجي جيڪو 190 ڪيوسڪ آھي، انڊس رور مان لنڪ ڪئنال نڪري جھلم ۾ وڃن ٿا، ھڃر به جاري استسال ٿي رھيو آھي، ھي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل پروجيڪٽ آھي، ڪئنالن جو سودو جعلي اليڪشن ڪرائڻ دوران ڪيو ويو ھو. سنڌو دريا بچايو ڪميٽي وڪيلن سان گڏ آھيون وڪيلن جي جدوجھد کي سلام آھي، اسين چار ھتي آھيون ته چار ڌرڻي ۾ موجود آھن، سنڌو دريا بچايو ڪميٽي پر امن جدوجھد 8 مھينن کان ڪري رھي آھي، سنڌ پاڪستان جي فيڊريشن جو حصو آھي، ڪرپٽ سياستدان ويھاري سنڌ جي خلاف سازشون ٿا ڪن اھي سازشون بند ڪن، اسان 8 مھينن ۾ ٿڪا نه آھيون ھنن سمجھو اسان ٿڪجداسين پر اسان جي طاقت وڌندي وڃي پئي. اليڪشنن دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن جو سودو ڪيو ويو ھو،سي سي آءِ جي اجلاس جو جيڪو فيصلو ايندو آن کانپوءِ پنھنجي رائي ڏينداسين، ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ٻٻرلوء ۾ ويٺل وڪيل ڪندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے