welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سليمان جي ابڙو جي سالگرهه ملهائي وئي، سول سوسائٽي طرفان سماجي خدمتن تي واکاڻ

حیدرآباد:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)سافڪو گروپ پاران پنهنجي باني سليمان جي ابڙو جي سالگرهه ملهائي وئي، تقريب ۾ تعليمي ماهرن، مالياتي ادارن جي اعليٰ عملدارن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سماجي ۽ معاشي شعبي ۾ سليمان جي ابڙو جي خدمتن کي ساراهيندي سندس مشن جي تڪميل لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو اظهار ڪيو. گذريل ڏينهن جيمخانه حيدرآباد ۾ سافڪو جي ٽنهي ادارن سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرز ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن، سافڪو سپورٽ فائونڊيشن ۽ سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني طرفان پنهنجي گروپ جي باني ۽ سربراهه سليمان جي ابڙو جي سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جي وائس چانسلرن، بئنڪن ۽ مالياتي ادارن جي اعليٰ عملدارن، وڪيلن، صحافين ءٌ دانشورن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي سافڪو گروپ جي ٽنهي ادارن جو تعارف پيش ڪيو.هن چيو ته سافڪو جي ٽنهي ادارن سليمان جي ابڙو جي گھڻ رخي رهنمائيءَ ۾ پٺي پيل ماڻهن جي ترقي سان گڏ معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو ان جا نه رڳو سنڌ پر ملڪي سطح تي مثبت اثر پيا آهن. انهن ادارن جي خالق جو جنم ڏينهن ملهائڻ جو وڏو مقصد اهو آهي ته جنهن شخصيت معاشري تي پنهنجي ڪمن سان اثر ڇڏيا آهن، ان جي جنم ڏينهن تي انهن عملن کي ساراهجي ۽ کيس مڃتا ڏجي.هن چيو ته هن تقريب ۾ اسان جا تعليمي ماهر، سول سوسائٽيءَ جا ڳواڻ ۽ آمريڪا کان انشورنش انڊسٽري جو وڏو نالو مائيڪل ميڪ ڪارڊ به موجود آهي، سافڪو جي ڪوشش آهي ته ٻوڏن سميت مختلف آفتن ۾ فصل ۽ چوپائي مال جي ٿيندڙ نقصان جي ازالي لاءِ رعايتي انشورنس تي ڪم ڪريون. ان لاءِ سنڌ ۾ ننڍي پئماني تي انشورنس ڪمپني قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ گھٽ رقم خرچ ٿئي پر نقصان جو ازالو وڌيڪ ٿئي. اميد آهي ته ’سافڪو مائيڪرو انشورنس ڪمپني‘ جي نالي سان اهڙو ادارو سليمان جي ابڙو جي ايندڙ سالگرهه تائين قائم ٿي چڪو هوندو. هن چيو ته اسان سليمان جي ابڙو جي وڏي ڄمار لاءِ دعاڳو آهيون ته جيئن سندس موجودگي هن معاشري تي پنهنجا وڌيڪ اثر ڇڏي. تقريب کي خطاب ڪندي ’مائيڪل ميڪ ڪارڊ‘ چيو ته سليمان جي ابڙو جي قيادت ۾ سافڪو عام ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ جيڪي سرگرميون ڪري رهي آهي، اهي ساراهه جوڳيون آهن. سافڪو جي ڪم ۽ ماڻهن جي زندگي تي انهن جي پوندڙ اثرن جو مون پاڻ مشاهدو ڪيو آهي. سليمان جي ابڙو کي قدرتي آفتن ۾ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي ٿيندڙ نقصان جو احساس آهي، جنهن لاءِ هو انشورنس ڪمپني قائم ڪرڻ گھري ٿو ته جيئن انهن ماڻهن جي گذر سفر وارن وسيلن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي، جيڪو نهايت ساراهه جوڳو ڪم آهي ۽ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته سليمان جي ابڙو پنهنجي توڙي پنهنجي اداري جي مفاد کي اوليت ڏيڻ بدران عام ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تي کيس سلام ڪريون ٿا. ايڊووڪيٽ يوسف لغاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان سافڪو جي خدمتن جو اعتراف ٿو ڪريان، جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ چار کان پنج هزار ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. سافڪو ماڻهن جي ٻرندڙ مسئلن تي سيمينار ڪرائي گھڻو ڪم ڪيو آهي، ۽ علائقي جي مسئلن تي ان وٽ گھڻو ادراڪ آهي. سليمان جي ابڙو جا ادبي حوالي سان به ڪافي ڪم آهن، جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو ڪتاب شايع ڪرڻ، منهنجي سوانح عمري شايع ڪرڻ، ڪرامت علي جي زندگي تي ڪتاب، نالي واري صحافي مرحوم اسحاق مڱريو جي زندگي تي ڪتاب شايع ڪرڻ وغيره شامل آهن. اهڙي طرح ادبي، سياسي ۽ اقصادي خدمتن سافڪو سنجيدگيءَ سان پاڻ نڀايو آهي. سنڌ جي پاڻيءَ واري مسئلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪئنال ٺهڻ يا نه ٺهڻ کان وڏو مسئلو ڪارپوريٽ فارمنگ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي 60 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي والار ٿئي ٿي. ڪارپورٽ فارمنگ جي ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمين کي بنجر بڻايو پيو وڃي، جيڪڏهن اها ڪارپوريٽ فارمنگ خلائي مخلوق ڪندي ته ان سان اسان پهچي نه سگھنداسين. جهڙي طرح ٿرڪول جي پاسي ماڻهو وڃي نٿا سگھن، اهڙي طرح ڪارپوريٽ فارمينگ واري پاسي ماڻهو وڃي نه سگھندا. ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ به ٻه اکيائي آهي، جهڙي طرح اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي هاءِ ڪورٽ آهي پر انهي ۾ به سمورن صوبن جي برابر نمائندگي ناهي. سنڌ يونيورسٽي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي چيو ته شاهه لطيف ڀٽائي سدائين جدوجهد ۾ رهندڙ جن کاهوڙين جو ذڪر ڪيو آهي، سليمان جي ابڙو انهن مان آهي، سنڌ کي سماجي خدمت جي حوالي سان ٻه سليمان مليا آهن، هڪڙو ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ بيو ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو جن جو خواب آهي ته اسان جو معاشرو صحتمند ۽ خوشحال هجي. سليمان جي ابڙو جيڪي محنتون ڪيون آهن، پوري سنڌ ۾ هو مسڪين ماڻهن جي جيڪا مدد ڪري ٿو اسين سڀ ان جا شاهد آهيون. اسان کي هونءَ ته سنڌ ۾ گھڻيون مايوسيون مليون آهن، پر جڏهن سليمان جي ابڙو جهڙا ڪردار ڏسندا آهيون ته پراميد ٿي ويندا آهيون، جو هن جون خدمتون سرزمين تي نظر اچن ٿيون ۽ سنڌ جا ماڻهو انهن مان فائدو وٺي رهيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي سليمان جي ابڙو چيو ته انشورنس ۽ توانائيءَ جي ڪمپنين سميت نوان ادارا قائم ڪرڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 هزار نوجوانن کي روزگار ملي سگھي، اسان پنهنجي خدمتن جو دائرو بلوچستان ۽ پنجاب تائين وڌائي رهيا آهيون، جنهن لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ ماهرن جو سهڪار پڻ حاصل آهي. هن چيو ته باهه لڳڻ جي واقعن، برساتن ۽ ٻوڏن ۾ ماڻهن جي گذر سفر جا وسيلا برباد ٿي وڃن ٿا، چوپايو مال مري وڃڻ ۽ فصل تباهه ٿي وڃڻ تي انهن کي ڪو به معاوضو نٿو ملي ڇاڪاڻ ته انهن وٽ انشورنس ڪرائڻ جي سگھ ناهي هوندي، پاليسيون جوڙڻ ۾ کين نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، اسان انهن لاءِ مائيڪل ميڪ ڪارڊ جهڙن عالمي سطح جي ماهرن جي رهنمائي ۽ سهڪار سان انشورنس ڪمپني قائم ڪري رهيا آهيون. زرعي ڪاروبار ۽ زرعي ذيلي پيداواري ٽيڪنالاجيءَ جون ڪمپنيون قائم ڪرڻ تي به جاري آهي ته جيئن اسان جي ماڻهن جو گذرسفر جو ذريعو بهتر ٿئي ۽ انهن جي پيداوار کي ڪاروباري ۽ مالياتي مرڪزن ذريعي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿئي. اسان کي پنهنجي ڪمن تي ان ڪري به اعتماد آهي جو سافڪو ۾ باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ ناهي. اسان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي مشاهدا ڪيا ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀراين تي نظر آهي. چاهيون ٿا ته اسان جو اهو تجربو نه رڳو سنڌ، پر پنجاب ۽ بلوچستان سميت پوري ملڪ لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي. اسين وڏي واڪي خالي اعلان ناهيون ڪندا، پر چاهيندا آهيون ته خاموشيءَ سان اهڙو ڪم ڪريون جو اهو جڏهن ماڻهن تائين پهچي ته پوري ملڪ ۾ هرڪو ان جي ساراهه ڪري. اسان سڀ پهرين اڳڀرائي ڪندڙ آهيون، پاليسي سازن، مالياتي ادارن، ريگيوليٽر ادارن ۽ حڪومتن آڏو سدائين پنهنجي جديد منصوبن ۽ حڪمت عملين سان پهل ڪئي آهي ۽ انهن کي گس ڏسيا آهن ۽ عملي طور اهي ڪم ڪري به ڏيکاريا آهن. سليمان جي ابڙو 1986 کان شروع ڪيل سماجي خدمتن واري سفر ۾ پيش آيل ڏکيائين ۽ پنهنجي ڪاميابين خاص ڪري آفتن ۾ ماڊل وليج قائم ڪرڻ، لکين گھرن جي تعمير، صحت جي سار سنڀال وارن منصوبن، اسڪولن ۽ روڊن رستن سميت بنيادي ڍانچي جي بحاليءَ وارن ڪمن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ سافڪو جي ٽنهي ادارن جي سماجي معاشي ۽ ترقياتي منصوبن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته اڄوڪي هن تقريب ۾ موجود مختلف يونيورسٽين جا وائس چانسلر، پروفيسر ۽ سول سوسائٽيءَ جا اڳواڻ اسان سدائين ٻانهن ٻيلي رهيا آهن، انهن سڀني جي سهڪار سان سافڪو تمام گھڻا ڪارناما ڪيا آهن، جن کي ڏسي اسان کي بيحد خوشي ٿي ٿئي ته خدا تعاليٰ اسان کان ڪيئن ڪم ورتا آهن، تڏهن اسا چئون ٿا ته اسان جي سوچ، اسان جو علم ماڻهن جي امانت آهي، اها انهن تائين منتقل ڪندا رهنداسين. ماڻهن جون اسان مان اميدون آهن، انهن اميدن تي پورا نه لهنداسين ته وڏا خطاوار ٿينداسين. ان لاءِ اسان سڀ متفق آهيون ته پروفيشنلزم ۽ انسان دوستيءَ جي گڏيل جذبي سان معاشري جي خدمت ڪنداسين. منهنجا سمورا ساٿي ان عمل جا حامي آهن، جنهن تي مون کي فخر آهي. اڄوڪي تقريب ۾ اوهان شرڪت ڪري جيڪو مان ڏنو آهي اهو مون لاءِ همٿ افزائي ۽ رهنمائيءَ جو عمل آهي. آخر ۾ سافڪو بورد جي چيئر پرسن ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته گڏيل عمل، تنظيمڪاري ۽ جدت سان ترقي اچي ٿي، سليمان جي ابڙو جو ويساهه آهي ته اسان ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪريون، انهن کي منظم ڪريون ۽ پنهنجن ڪمن ۾ جدتون آڻيون ته جيئن ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل ٿي سگھون. ان حوالي سان ڪوٺايل هن تقريب ۾ توهان سمورن جي شرڪت جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته مائيڪل ميڪ ڪارڊ، بشير احمد ابڙو، ڊاڪٽر اعجاز کوهارو، اقبال ميمڻ، پروفيسر غلام علي جاريڪو، عبدالمجيد چانڊيو،رئوف چانڊيو، شوڪت ميمڻ، اشوڪ راماڻي، زيب النساءِ ملاح، شهناز شيدي، حسين مسرت سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن، مختلف بئنڪن جي اعليٰ عملدارن، صحافين سليمان جي ابڙو کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ، لونگي ۽ گلدستا پيش ڪيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے