welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ حڪومت جو تڪراري تونسه ڪينال کولڻ تي ارسا آڏو سخت احتجاج فوري بند ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)سنڌ حڪومت تڪرار تونسه ڪينال کولڻ تي ارسا آڏو سخت احتجاج ڪندي انهي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ٽي پي لنڪ ڪينال بند ڪرڻ جي لاءِ ارسا کي احتجاج طور خط لکندي چيو آهي ته اپريل جي پهرين ئي ڏهاڪي ۾ سنڌ کي 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب جا ڪينال 54 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي برداشت ڪري رهيا آهن. ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ سبب سنڌ ۾ وڌيڪ پاڻي جي کوٽ وڌي ويندي. سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي به موجود نه آهي. ٽي پي لنڪ فوري طور تي بند ڪيو وڃي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير چيو ته هن وقت ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ سنڌ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. ڄام خان شورو چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت خشڪ سالي جو اعلان ڪيو ويو آهي. خشڪ سالي ۾ ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ سنڌ سان زيادتي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے