welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيڪا ايڪٽ خلاف حيدرآباد ۾ ايڇ يو جي جو احتجاجي مظاهر

حیدرآباد:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان ڪاري قانون پيڪا ايڪٽ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ايڇ يو جي حيدرآباد جي صدر وسيم خان، مرڪزي اگواڻ اقبال ملاح، تنوير آرائين، منصور مري، اعجاز لغاري، جاني خاصخيلي، فاضل چنا، عارف ڀٽي، ساجد علي خان، اڪبر درس، نياز وگھيو، نجيب قريشي، نويد قائمخاني، فيصل ڏاھري، علي جان لغاري ۽ ٻين چيو ته آزاد صحافت جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ ھر حڪومت ڪارا قانون آڻيندي آھي. جنھن خلاف ھميشه وانگر ملڪ جا صحافي تحريڪون ھلائيندا رھيا آھن ۽ حق سچ جو آواز بلند ڪندا رھيا آھن. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي صحافين چيو ته پيڪا ايڪٽ ڪارو قانون آھي جيڪو آزادي تي وار سمجھون ٿا، ڪاري قانون کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا ۽ حڪومت کي چتاءُ ڏيون ٿا ته فوري طور پيڪا ايڪٽ ترميمي بل واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے