welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نواز شريف جي رهائشگاهه ويجهو گرفتار ڪيل گلفام حسين کي مشروط ضمانت ملي وئي

لنڊن:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ايون فيلڊ رهائشگاهه ويجهو گرفتار پي ٽي آءِ جي حامي گلفام حسين کي مشروط ضمانت ملي وئي آهي. 12 اپريل 2025 تي، لنڊن پوليس مسلم ليگ (ن) يوٿ ونگ برطانيه جي چيئرمين خرم بٽ جي شڪايت تي گلفام حسين کي حراست ۾ ورتو. خرم بٽ الزام لڳايو هو ته پي ٽي آءِ جي هڪ حامي شريف خاندان کي ڌمڪيون ڏنيون آهن، جڏهن ته گلفام حسين موقف اختيار ڪيو ته مون ڪنهن کي به ڌمڪيون يا گاريون نه ڏنيون آهن. خميس ڏينهن، ذريعن ٻڌايو ته لنڊن پوليس پي ٽي آءِ جي هڪ حامي تي فرد جرم لاڳو ڪئي آهي. گلفام حسين کي هاڻي ويسٽ منسٽر مئجسٽريٽ ڪورٽ طرفان 2,000 پائونڊ جي مشروط ضمانت ڏني وئي آهي. کيس وينڊز ورٿ جيل منتقل ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته اڱاري تي آزاد ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ جي حامي جو ٽرائل 16 مئي 2025 تي ڪرائون ڪورٽ ۾ شروع ٿيندو. عدالت گلفام حسين کي ضمانت جي سڀني شرطن تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته سندس پير تي اليڪٽرڪ ٽيگ لڳايو ويندو. گلفام حسين کي نواز شريف ۽ ذڪريا حسين نواز سان رابطو ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي ۽ هو اڳوڻي وزيراعظم جي رهائشگاهه جي چوڌاري ڪنهن به سرگرمي ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے