welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نئين دهلي ۾ عمارت ڪرڻ سبب 11 ماڻهو فوت

نئين دھلي:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)نئين دهلي جي مصطفيٰ آباد علائقي ۾ صبح جو 3 وڳي هڪ چار منزله عمارت اوچتو ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب، اتر اوڀر دهلي ۾ واقع مصطفيٰ آباد جي ديالپور علائقي ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته دهلي پوليس ۽ اين ڊي آر ايف جون ٽيمون ملبي مان ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. واقعي واري هنڌ تي موجود اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته زميندار، تحسین، پنهنجي خاندان سان گڏ چار منزلن واري عمارت ۾ رهندو هو، هو پاڻ ٻن منزلن تي رهندو هو، جڏهن ته ڪرائيدار ٻين ٻن منزلن تي رهندا هئا. هن پوري عمارت ۾ لڳ ڀڳ 20 کان 25 ماڻهو رهندا هئا. صبح جو 3 وڳي، عمارت اوچتو ڪري پئي ۽ سڀئي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا. ملبي مان اٺ ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، جن مان 4 فوت ٿي ويا آهن. ڪيترن ئي ٻين زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. فوت ٿيلن ۾ زميندار، تحسين ۽ سلميٰ (35) شامل آهن. مصطفيٰ آباد ۾ عمارت ڪِرڻ جي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي. دهلي پوليس چيو ته ملبي مان ڪڍيل 10 ماڻهن مان 4 بچي نه سگهيا، ۽ 8 کان 10 ماڻهو اڃا تائين ملبي ۾ ڦاٿل هجڻ جو خدشو آهي. عمارت ڪِرڻ جو سبب اڃا تائين معلوم ناهي، پر پاڙيسرين جو چوڻ آهي ته جيڪا عمارت ڪِري پئي اها تمام پراڻي نه هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے