ماسڪو:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)روسي صدر ولاديمير پيوٽن 2022 کان جاري يوڪرين جنگ ۾ عارضي جنگ بندي جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو ايندڙ مهيني کان لاڳو ٿيندو.
روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ، جيڪا 2022 جي شروعات کان جاري آهي، هڪ موڙ تي پهچي چڪي آهي، ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن عارضي جنگ بندي جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پيوٽن اهو اعلان فتح جي 80 هين سالگرهه جي حوالي سان ڪيو ۽ جنگ بندي 8 کان 10 مئي تائين لاڳو رهندي.
روسي صدارتي ترجمان ڪريملن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس هميشه امن ڳالهين لاءِ تيار رهيو آهي ۽ انهن کي اميد آهي ته يوڪرين جنگ بندي تي عمل ڪندو.
پڻ پڙهو: روس-يوڪرين جنگ ۾ اهم پيش رفت
پڌرنامي ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته جنگ بندي دوران يوڪرين جو رويو امن معاهدي بابت يوڪرين جي سنجيدگي کي ظاهر ڪندو ۽ روسي فوج جنگ بندي جي ڪنهن به خلاف ورزي جو سخت جواب ڏيندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language