welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ۽ ڀارت کي موجوده صورتحال ۾ حل ڏانهن وڌڻ گهرجي: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان

واشنگٽن:(سومر 28 اپريل 2025ع)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان ۽ ڀارت کي موجوده صورتحال جي ذميوار حل ڏانهن وڌڻ جو مشورو ڏنو. برطانوي خبر رساں اداري سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ اسان ڀارت ۽ پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون ۽ پاڪستان ۽ ڀارت کي مسئلي جي حل لاءِ ذميوارانه حل ڏانهن وڌڻ گهرجي. ترجمان چيو ته آمريڪا موجوده صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيو آهي ۽ مختلف سطحن تي هندستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان رابطي ۾ آهي. آمريڪا سڀني ڌرين کي هڪ ذميوار حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. ترجمان چيو ته هو پهلگام ۾ دهشتگرد واقعي جي مذمت ڪن ٿا ۽ ڀارت سان گڏ بيٺا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے