welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

روس سان ڳالهيون صرف تڏهن ٿينديون جڏهن جنگ بندي ٿيندي: يوڪريني صدر جو اعلان

:ڪيف:(اربع 23 اپريل 2025ع)يوڪرين جي مسئلي تي يورپي اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس اڄ لنڊن ۾ ٿيندو، جنهن دوران اهي آمريڪي صدر ٽرمپ جي فوجي ۽ مالي امداد واپس وٺڻ جي صورت ۾ يوڪرين جي مدد تي غور ڪندا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب يوڪريني صدر زيلنسڪي چيو آهي ته يوڪرين روس سان سڌي طرح ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر اهي ڳالهيون صرف جنگ بندي جي صورت ۾ ٿينديون. يوڪريني صدر جو چوڻ آهي ته هو جنگ بندي کان پوءِ ڪنهن به شڪل ۾ ڳالهين لاءِ تيار آهي. لنڊن ڳالهين ۾ يوڪريني وفد جي پهرين ترجيح غير مشروط جنگ بندي هوندي. نيوز ايجنسي موجب آمريڪي پرڏيهي وزير يوڪرين جي مسئلي تي يورپي اڳواڻن جي اهم اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته يوڪرين ۾ آمريڪي سفير ڪيٿ ڪيلوگ لنڊن اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. يورپي اڳواڻ ڪم ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن ٽرمپ فوجي ۽ مالي امداد واپس وٺي ته يوڪرين جي ڪيئن مدد ڪجي. يوڪريني عهديدار جو چوڻ آهي ته يوڪرين جي اتحادين کان هڪ ممڪن ڊيل تي بحث ڪرڻ جي اميد آهي. ٻئي طرف، روسي صدارتي محل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يوڪريني تڪرار ايترو پيچيده آهي جو فوري طور تي جنگ بندي حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، هڪ سخت وقت مقرر ڪرڻ ۽ ٿوري وقت ۾ هڪ قابل عمل حل حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے