welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽرمپ جو مودي کي فون: والاريل ڪشمير حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيت، مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو

واشنگٽن:(اربع 23 اپريل 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحتي مقام تي حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڀارت کي مڪمل مدد جو يقين ڏياريو آهي. اڱاري ڏينهن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي مقام پهلگام ۾ نامعلوم حملي آورن جي فائرنگ ۾ 28 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. هندستاني اختيارين موجب، مرڻ وارن ۾ ٻه پرڏيهي سياح ۽ هڪ هندستاني بحري آفيسر شامل آهن. پرڏيهي اٽلي ۽ اسرائيل کان آهن. ڀارتي پرڏيهي وزارت موجب آمريڪي صدر ٽرمپ والاريل ڪشمير ۾ فائرنگ واري واقعي کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي فون ڪيو. هندستاني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي چيو ته صدر ٽرمپ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ هندستان کي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ مڪمل مدد جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پهلگام علائقي ۾ فائرنگ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪشمير مان ايندڙ خبرن تي کيس تمام گهڻو صدمو پهتو آهي. ٽرمپ چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف هندستان سان گڏ بيٺو آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون وڃائي ويٺا ۽ زخمي ٿيا آهن انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، ۽ اسان جي مڪمل حمايت ۽ همدردي وزيراعظم مودي ۽ هندستاني عوام سان آهي. هي بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن حملي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے