welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ حڪومت ڪي فور منصوبي کانپوءِ ٽينڪر مافيا جو خاتمو يقيني بڻائي: احسن اقبال

ڪراچي:(اربع 23 اپريل 2025ع)وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪي-4 پاڻي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽينڪر مافيا جو خاتمو ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي نگراني لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڻي سڌو سنئون شهرين جي گهرن تائين پهچڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي مڪمل ٽائم لائن فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن بجيٽ اصل پيش رفت مطابق جاري ٿئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪي-4 پاڻي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽينڪر مافيا جو خاتمو ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے