واشنگٽن:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)آمريڪي پاپ اسٽار ڪيٽي پيري سميت ڇهن ٻين عورتن خلا ۾ وڃي تاريخ رقم ڪئي.
هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي موجب، هي 60 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ پهرين خلائي پرواز هئي جنهن ۾ صرف عورتون سوار هيون.
ٻين عورتن ۾ ارب پتي جيف بيزوس جي منگيتر لارين سينچز، ميزبان جيل ڪنگ، اڳوڻي ناسا راڪيٽ سائنسدان عائشه بوئي، سائنسدان امندا نگين ۽ فلم پروڊيوسر ڪيرياني فلين شامل هيون.
عورتون ارب پتي جيف بيزوس جي خلائي سياحت ڪمپني بليو اوريجن پاران هلائيندڙ راڪيٽ ۾ تقريباً 11 منٽن تائين اڏامون، جنهن دوران انهن کي ٿوري دير لاءِ بي وزني جو تجربو ٿيو ۽ اهي زمين تي واپس آيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language