ڪراچي:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال هن سال حيدرآباد-سکر موٽر وي شروع ڪرڻ جو واعدو ڪيو.
سومر ڏينهن وفاقي وزير احسن اقبال ڪراچي ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حيدرآباد-سکر هاءِ وي تي ڪم هن سال شروع ٿيندو ۽ 3 سالن ۾ مڪمل ٿيندو، جڏهن ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي هڪ نئين روٽ تي ٺاهيو ويندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سکر-حيدرآباد موٽر وي بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري هاڻي قيمت ٻيڻي ٿي وئي آهي.
احسن اقبال چيو ته ڪراچي سائيٽ ايريا لاءِ 5 ارب رپين جو منصوبو منظور ڪيو ويو آهي، ۽ 125 ارب رپين جي ڪي فور منصوبي لاءِ 100 سيڪڙو فنڊنگ فراهم ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي ترقي لاءِ سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پهرين اپريل 2022 تي ڊيفالٽ ٿي ويو هو ۽ اسان ٿوري وقت ۾ ملڪ کي واپس ٽريڪ تي آندو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language